تاج الدين سيد

تاج الدين سيد: اسماعيلي پيرن مان پير صدرالدين جو فرزند سيد تاج الدين، سنڌ جي اسماعيلين جو وڏي احترام وارو پير ٿي گذريو آهي، هي سمن جي دور ۾ سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ تبليغ ڪندو هو. سندس تبليغ جو مرڪز ”ڍانڍيءَ“ جو شهر هو، جتي اڃا تائين، ڀانڀريءَ ۾، سندس ٻن همعصر اسماعيلي بزرگن شيخ نظام الدين ۽ ”شاهه ڪپور“ جا روضا موجود آهن. پير تاج الدين جي مزار ٽنڊي باگي کان ’اچ شريف‘ ڏانهن ويندي، چئن ميلن جي مفاصلي تي آهي، جتي تلهار کان به وڃي سگهبو آهي. پير تاج الدين جا ڪيترائي گنان ملن ٿا. هو پنهنجي پيءُ پير صدرالدين وانگر سٺو شاعر هو. سندس ٻه گنان نموني طور ڏجن ٿا: ڏيئي گُر کي واچا، هي جي ٿر نه رهڻيا، تن ساڻ ڪيهڻا نه ڪِيجئي. ٻوليا پير- تاج الدين شاهه کي اُمايو، ڦل سچا (يارا)مومن ليجو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو